اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته موجوده صورتحال ۾ بهترين حل اهو آهي ته سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ٻئي کي موقعو ڏين.هن چيو ته ادارن سان تلخيون فيصلن سان ٿينديون آهن، جيڪڏهن فيصلا غلط هوندا ته تلخيون وڌي وينديون آهن، پر جيڪڏهن فيصلا صحيح هوندا ته تلخيون دور ٿي وينديون آهن.










