گهارو (بشام جوکيو)گورنمينٽ بوائز هائيرسيڪينڊري اسڪول گهارو ۾ ايس ايم سي چيئرمين عبدالله جوکيو پرنسپل محمد هارون لوهار، امير لاشاري، شريف گجر، جي اڳواڻي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ استادن ۽ شاگردن وڻ لڳايا ان موقعي تي گورنمينٽ هائيرسيڪينڊري اسڪول گهارو جي ايس ايم سي چيئرمين عبدالله جوکيو چيو ته وڻ لڳائڻ هڪ عبادت آهي ۽ وڻ لڳائڻ سان ماحول تي به بهترين اثر پوندو آهي هر انسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ لڳائي ان موقعي تي پرنسپل محمد هارون لوهار چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي سرسبز ڪرڻ ۽ ماحول کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ شاگردن کي وڻ لڳائڻ جي حوالي سان وڻڪاري مهم سان گڏ تربيتي پروگرام پڻ آهي اسڪول جي گرائونڊ ۾ وڻڪاري جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ هر شاگرد ۽ استاد جي هٿان هڪ وڻ لازمي لڳائبو ان موقعي تي وڻڪاري جي حوالي سان شاگردن کي ليڪچر پڻ ڏنو ويو ۽ شاگردن پنهنجن گهرن ۾ پڻ وڻ لڳائڻ جو عزم پڻ ڪيو.










