اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي ۽ پاڪستان ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته هي اصل ۾ پاڪستان جو مسئلو آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪئي ته پوءِ اوهان کي لکي ڏيان ٿو ته فوج تباهه ٿي ويندي،ملڪ ديواليو ٿي ويندو هن چيو ته جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اقتدار تان نه هٽايو ويو ته ملڪ جا ايٽمي اثاثا کسجي ويندا ۽ جيڪڏهن درست فيصلا نه ڪيا ويا ته پاڪستان ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڳ چيو هو ته جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ رکڻو آهي ته پاڪستان تي ايٽم بم ڪيرائڻ بهتر آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس کان سستو تيل خريد نٿو ڪري سگهي ڇو ته آمريڪا اجازت نٿو ڏئي. شانگلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته يقيناً توهان غير جانبدار رهو پر ماڻهن کي خبر آهي ته توهان وٽ اقتدار آهي، چورن جو ٽولي ملڪ کي ڪٿي کڻي وڃي رهيو آهي، ماڻهو توهان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، تاريخ توهان ڪڏهن معاف نه ڪندي ملڪ هيٺ هليو وڃي اوهان چئو نيوٽرل آهيون هن چيو ته پاڪستان روس کان سستو تيل خريد نٿو ڪري سگهي ڇو ته آمريڪا اجازت نه ڏني. عمران خان چيو ته خوف ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪو به انسان عظيم انسان نٿو بڻجي سگهي، جيڪا قوم خوف جي بت کي ٽوڙي ڇڏي ٿي اها عظيم قوم بڻجي ٿي، آزادي تڏهن ايندي آهي جڏهن قوم جي فائدي لاءِ فيصلا ڪيا وڃن. فلسطين جي حوالي سان عمران خان چيو ته قائد اعظم چيو هو ته جيستائين فلسطينين سان انصاف نه ٿيندو، تيستائين اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته شهباز شريف هتي آيو هو ۽ چوندو هو ته پنهنجا ڪپڙا وڪڻي ڇڏيندس، هاڻي ڪپڙا وڪڻڻ گهرجن، اٽو، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي مهانگي ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ماڻهو شهباز شريف کان پڇن ته هو آمريڪا ۽ شهباز شريف کي غلام ڇو بڻائي رهيو آهي، جيڪڏهن ڳالهائيندو ته چوندو ته هن جي خاندان جا پئسا ٻاهر آهن، تنهنڪري ڊپ آهي. مان سڀاڻي تائين خيبرپختونخواهه ۾ آهيان، سڀني کي آزادي جي تحريڪ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان، تحريڪ هلندي رهندي جيستائين هي حڪومت شفاف چونڊون نه ڪرائيندي، ڊونلڊ لو ن پاڪستاني سفير کي چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي نه هٽايو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا. اوهان لاءِ قوم چاهي ٿي ته اها پارٽي اقتدار ۾ اچي جيڪا اسان جي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي.










