ملڪ شهزاد اعواڻ جون ٽرڪون ساڙڻ جا الزام ڪوڙا قرار

ملڪ شهزاد اعواڻ جون ٽرڪون ساڙڻ جا الزام ڪوڙا قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ شهزاد اعواڻ جي ٽرڪ ساڙڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڪوڙا هي تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ آئل ڊيپو ۾ باهه لڳڻ جي آهي 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙين نقلي تصويرن ۽ هٿراڌو بيانئي سان ذهن ٺاهي بي وقوف بڻائي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي رحمتي سيکاري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته هاڻي بس آرام سان ٻن جهنڊن وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو لڳائيندا ڪريو. اهو به پنهنجي مجروح عنا جي تسڪين لاءِ ڪنهن رات شو ۾ پنهنجن ڏوهن تي معافي انهن والدين کان به وٺو جن جي ٻارڙن کي گمراهه ڪري تون کين امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي هن چيو ته انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺو جن جون دليون تون زخمي ڪيون ڇو ته الله تعاليٰ پنهنجن بندن جي حقن جي ڀڃڪڙي معاف نٿو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو