ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته ملڪ هن وقت سياسي، اقتصادي ۽ اخلاقي بحرانن جي وَر چڙهيل آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ، استعفى ڏيڻ هڪ آئيني ۽ جهموري عمل آهي جنهن جو سڀني کي حق آهي، پر اها به حقيقت آهي ته اسٽيبلشمنٽ جا سڀئي هيلا ناڪام ۽ بينقاب ٿي چڪا آهن جنهن جو نتيجو قوم کي مهانگائي، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ لاقانونيت جي شڪل ۾ ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، جماعت اسلامي جا اڳواڻ الله تي توڪل رکي عام چونڊن جي تياري ڪن، هن ڀيري پنهنجي جهنڊي ۽ نشان (ساهمي) تي چونڊن ۾ حصو50 لک ووٽ حاصل ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ انتخابي صورتحال جي حوالي سان رٿيل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعي امير، قومي ۽ سوبائي اسيمبلين جا نامزد اُميدوار، ناظمين انتخاب ۽ سياسي امور، برادر تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، مشاورتي اجلاس کي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر فريد احمد پراچا، صدر جي آءِ يوٿ زبير احمد گوندل، مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف، ناظم سوشل ميڊيا شمس الدين امجد ۽ صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ پڻ خطاب ڪيو. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌ باب الاسلام آهي، پر اسٽيبلشمنٽ هڪ خاص منصوبابندي تحت شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ کي تقسيم توڙي پنهنجي حقن جي نالي تي تعصبات ۽ لسانيات طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. سيلاب متاثرين لاءِ جماعت اسلامي ۽ الخدمت جون ڪيل خدمتون ساراه جوڳيون آهن. اجلاس ۾ صوبائي اطلاعات واري سيڪريٽري مجاهد چنا جي والد ۽ صدارتي ايوارڊ يافته نعت گو شاعر سيد گل محمد شاه گل بخاري جي والده جي وفات تي تعزيت ۽ دُعا پڻ ڪرائي وئي.#










