ملڪ جي 39 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم سڀاڻي کان هلندي، وزير

ملڪ جي 39 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم سڀاڻي کان هلندي، وزير

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پوليو وائرس جي ڪيس جي تصديق کانپوءِ ملڪ جي 39 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.صحت کاتي جي ترجمان موجب 60 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي مهم سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي.صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ان حوالي سان ٻڌايو ته 13 کان 17 فيبروري تائين 9 ضلعن ۾ خاص پوليو مهم هلائي ويندي.هن چيو ته ملڪ جي 30 ضلعن ۾ پوليو خلاف جزوي مهم هلائي ويندي، پنجاب جي 2 ضلعن لاهور ۽ فيصل آباد ۾ به مجموعي مهم هلائي ويندي.عبدالقادر پٽيل وڌيڪ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي 7 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم هلائي ويندي، جن ۾ بنون، ڊي آءِ خان، ٽانڪ، لڪي مروت، اتر وزيرستان، اپر ۽ لوئر ڏکڻ وزيرستان شامل آهن.صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جو به چوڻ آهي ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ والدين جو تعاون تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو