ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، برفباري، ٿڌ ۾ اضافو

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، برفباري، ٿڌ ۾ اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته هنزه ۾ گرمي پد ڪاٽو 18 ۽ استور ۾ ڪاٽو 17 ڊگري تائين رڪارڊ ڪيو ويو. ويب سائيٽ موجب، اسڪردو ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سخت ٿڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 4، لاهور ۽ پشاور ۾ ست، ڪراچي ۾ 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو