حويليان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته ملڪ جو پسئو لٽيندڙ هڪ هڪ ماڻهو کي نه ڇڏيندس. هزاره موٽروي جي حويليان ٿاه ڪوٽ سيڪٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مراد سعيد جي تقرير ٻڌي سوچي رهيو هيس ته نوجوانن ۾ اهڙي طريقي جون جنون ۽ جذبو هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيڪي به قومون جذبي ۽ جنون سان بيهنديون آهن ته ڪنهن کي به شڪست ڏئي سگهن ٿيون. عمران خان چيو ته هزاره موٽروي سي پيڪ جو حصو آهي ۽ اسان جو ملڪ جيڪو مٿي اڀرندو ان ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار هوندو. سي پيڪ سان اسان جون خاميون جهڙي طرح زرعي پيداوار جيڪا دنيا ۾ اسان وٽ گهٽ آهي اسان چين مان ٽيڪنالوجي سکي پنهنجي پيداوار وڌائي ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ سي پيڪ جي بدولت اسان جو نوجوان هنرمند ٿي رهيو آهي اسان جي وڏي آبادي نوجوان آهي انهن کي هنر ملندو ته هي اسان جي طاقت بڻجندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته پهريون سال اسان لاءِ تمام گهڻو مشڪل هيو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پئسا نه هيا. هينئر اسان زراعت ۽ صنعتن وسيلي ملڪ کي تبديل ڪنداسين هائوسنگ اسڪيم مان نوجوانن کي روزگار ملندو. آزادي مارچ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ۾ ڪنٽينر جيڪو سرڪس ٿي گذريو ان ۾ ڪو به دم نه هيو مان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪير ڌرڻن جو ماهر آهي ته اهو صرف مان آهيان جيڪڏهن اهي هڪ مهينو ڪنٽينر تي گذارين ته پوءِ مان انهن کي مڃيندس. مان ته 126 ڏينهن ڪنٽينر تي گذاريا مان ڄاڻو ٿو ته ڪنٽينر ۽ ڌرڻو ڇا ٿيندو آهي. هن چيو ته ڌرڻي جي نالي تي مدرسن جي ٻارن کي استعمال ڪيوويو اسان جي پهرين حڪومت آهي جنهن مدرسن جي ٻارڙن جي ذميواري کنئي. هن چيو ته منهنجي مشڪل گهڙي اها هئي جڏهن برسات ۾ مدرسي جا ٻار ٻاهر ويٺا هيا ۽ مولانا فضل الرحمٰن گرم ڪمري ۾ گهر ويٺو هيو. مولانا فضل الرحمٰن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن وڌيڪ چيو ته دين کي پئسو بڻائڻ لاءِ خريد ڪرڻ ٻارن سان ڪوڙ ڳالهائي روڊن تي آڻڻ ان کان وڌيڪ گناهه آهي. هن چيو ته مون کي مولانا فضل الرحمٰن جي آخرت جي فڪر آهي دعا ڪيان ٿو ته الله ان کي اهڙي سزا نه ڏئي جيڪا ان کي ملڻي آهي. هن چيو ته ڪنٽينر تي نيلسن منڊيلا بڻجندڙ شهباز شريف ۽ آئن اسٽائن جي روح کي تڙپائيندڙ بلاول ڀٽو به موجود هيا. بلاول ڀٽو جي ٿيوري تي آئن اسٽائن جو روح به تڙپي رهي آهي ته جڏهن بارش پوندي آهي ته پاڻي ايندو آهي ۽ زيادهه بارش پوندي آهي ته زيادهه پاڻي ايندو آهي. هن چيو ته بلاول پاڻ کي لبرل سڏرائي ٿو ليڪن هو لبرلي ڪرپٽ آهي. ڪنٽينر تي ٻين ماڻهن سان گڏ بيروزگار سياستدان به موجود هيا جنهن کي پڪڙجڻ جو ڊپ هيو. هن چيو ته مسلم ليگ ن جهادي به بڻجي ويندا، لبرل به جتي انهن جو پئسو بچي اتي پاڻ کي تبديل ڪندا آهن. هن چيو ته مان جنرل مشرف وانگي مڪ مُڪا ڪيان انهن سڀني کي اين آر او ڏيان ته هي سڀ آرام سان ويهي رهندا ۽ ملڪ ۾ ڪا به افراتفري نه ٿيندي ليڪن مون کي خدا جو خوف آهي مون کي پنهنجي آخرت جي فڪر آهي مان انهن کي ڪنهن به قسم جو اين آر او نه ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 4 ڀيرا ٻيڻو ڪري وڌايو آهي مهانگائي جو سبب ۽ عوام تي مشڪل جون گهڙيون صرف انهن جي ئي ڪري آهي. واضح رهي ته حوليان مانسهره سيڪشن سي پيڪ تحت حويليان ٿاهه ڪوٽ منصوبي جو حصو آهي جنهن تي 136 ارب رپين جي لاڳت آئي آهي. اهو منصوبو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تجارتي گاڏين جي آمد رفت لاءِ اهم شاهراهه طور استعمال ڪيو ويندو ان سان حسن ابدال، هري پور، حويليان، ايبٽ آباد، مانسهره ۽ شمالي علائقن جي تقريبن 70 لک آبادي کي فائدو پهچندو. موٽروي سان مانسهره، وادي ناران ۽ گلگت بلتستان تائين رسائي سبب سياحت کي به فروغ ملندو. ياد رهي ته افتتاح کان هڪ رات اڳ ڪجهه ماڻهن نوازشريف جا پوسٽر لڳائي ڇڏيا هئا جنهن تي ن ليگ اڳواڻن جون تصويرون به لڳل هيون. انتظاميه ان حوالي سان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي بينر الائي ڪنهن لڳايا آهن. جڏهن ته ن ليگ جي مقامي قيادت جو چوڻ آهي ته منصوبو نوازشريف شروع ڪيو هو عمران خان صرف افتتاح ڪري رهيو آهي.










