ملڪ جو نالو اسلامي آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه پيو ٿئي: جسٽس عيسيٰ

ملڪ جو نالو اسلامي آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه پيو ٿئي: جسٽس عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان رات رات انقلاب آڻيندا آهيون، وزيراعظم پنهنجي صوابديد تي ٻه پلاٽ الاٽ ڪري ٿو، اهڙا پلاٽ ڏيڻ وارو وزيراعظم ڪير آهي؟معزز جج وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ جو ڪو اصول ناهي، اسان اخبارن ۾ پڙهيو ته 2 پلاٽ سيڪريٽري کي ڏنا ويا، اسان جي ملڪ ۾ رڳو وڏن ماڻهن کي پلاٽ ملن ٿا، غريبن کي نه.

پهنجو تبصرو موڪليو