ملڪ جون 104 يونيورسٽيز مالي بحران جو شڪار آهن، بلاول

ملڪ جون 104 يونيورسٽيز مالي بحران جو شڪار آهن، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجٽ ۾ ڪٽوتي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڪثر ملڪ جي يونيورسٽيز ۾ مالي بحران آهي ۽ پگهارون ڏيڻ لاءِ به وٽن پئسا ناهن. هن چيو ته هڪ کرب 58 ارب روپين جي مجموعي بجٽ مان حڪومت اڌ به کين ڏيڻ لاءِ تيار انهي ۽ ملڪ جون 104 يونيورسٽيز قرض وٺي انتظام هلائي رهيون آهن. جاري ڪيل بيان م هن حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي فوري طور تي يونيورسٽيز کي بجٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت سليڪٽرز جي نڪ جي هيٺان ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪجي ويا آهن پر ڪنهن کي به ان جي پرواهه ناهي، مهانگائي جي طوفان سبب عام ماڻهو پريشان آهن. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي مريم نواز جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سڀني مسئلن جو حل عمران خان جي استعيفيٰ ۾ آهي. هن چيو ته کنڊ ۽ اٽي جي هٿرادو بحران جا ذميوار جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار آهن جن جي ملز جي جاچ نه ٿيڻ سبب هنن ذخيره اندوزي جو رڪارڊ ڊاهي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو