ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن: فواد چوڌري

ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ماڻهو لانگ مارچ جي تاريخ پڇي رهيا آهن پر خان صاحب کي لانگ مارچ جي خطرن جي خبر آهي ان ڪري هو لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ کانپوءِ عدم استحڪام ايندو.فواد چوڌري چيو ته مون عمران خان کي صلاح ڏني هئي ته نيب اسان جي ڪنٽرول هيٺ ناهي.هنن جو اهو به چوڻ هو ته نيب کي ختم ڪيو وڃي يا وڏا ڪيس نيب کان ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيا وڃن پر مان نه مڃيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو