ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا کلي ويا تعليمي سرگرميون شروع

ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا کلي ويا تعليمي سرگرميون شروع

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو ) ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن.اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اڄ کان ڪورونا ايس او پيز تحت تدريسي عمل ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب 18 جنوري کان نائين ۽ ٻارهين ڪلاس جون تعليمي سرگرميون شروع ڪيون ويون هيون. پر هاڻ ملڪ جي سمورن  سرڪار،ي نيم سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ اٺين ڪلاس ۽ يونيورسٽي ۾ به تدريسي عمل بحال ٿي ويو آهي.حڪومتي حڪمن جي روشني ۾ اسڪولن، ڪاليجز ۽ يونيورسٽي جي  دروازن تي شاگردن جو تهرمل گن سان گرمي پد چيڪ ڪيو پيو وڃي. شاگردن، استادن ۽ ٻئي عملي جي لاءِ تدريسي عمل جي دوران ماسڪ پائڻ لازمي آهي. جڏهن ته تدريسي عمل جي دوران انهن کي هٿ سينيٽائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ڪورونا وبا سبب گذريل سال فيبروري کان ئي تعليمي ادارا ڪڏهن بند ۽ ڪڏهن جزوي طور تي کليل آهن. گذريل سال  ساليانه امتحان به نه ورتا ويا هئا. پر هاڻ هلندڙ سال نه صرف تعليمي سال جي ٽائيم کي وڌايو ويو آهي ۽ پر هر صورت ۾ امتحان وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو