بدين(ن س) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ملڪ تي مسلط بدعنوان ٽولو پنهنجي انجام جي پڃاڻي تي پھچڻ لاءِ آخري ساھ کڻي رھيو آھي ھ بدين ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي بدين جي ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪري رھيو ھو جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن سميت ڪارڪنن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته موجوده حڪمران مارشل لا کي دعوت ڏئي رهيا آهن پر ان جي گنجائش ناهي ارباب غلام رحيم چيو ته مان عمران خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل عظيم خدمتن ۽ اسلامي دنيا ۾ سندس مضبوط آواز جي ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيس ۽ اڄ به خان صاحب نه رڳو ملڪ جي مافيا جي خلاف آهي پر عالمي سامراجي قوتن خلاف به مضبوط موقف تي قائم آهن. ارباب غلام رحيم چيو ته خان صاحب ۽ سنڌ جي تنظيمي قيادت کي سنڌ ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ جي عوام کي به متبادل قيادت جو انتظار آهي، جيڪا رڳو عمران خان جي صورت ۾ موجود آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام مڪاني ادارن جي چونڊن کان علاوه عام چونڊن جي تياري ڪري، اسان کين شفاف ۽ مخلص نمائندا ڏينداسين. جنهن لاءِ اسان ٻين سياسي قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جي سهڪار سان 15 سالن کان اقتدار ۾ آيل زرداري مافيا کي شڪست ڏينداسين. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن عبدالحسن قادري خليفو اشفاق ميمڻ مير ابوبڪر ٽالپر ضلعي صدر عزيز الله ڏيرو ٻين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 15 سالن کان هر دور ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، زرداري ٽولا سنڌ جي وسيلن کي لٽي رهيو آهي. سنڌ جي مظلوم ۽ محروم عوام جو نظرون عمران خان ۽ تحريڪ انصاف ڏانهن آهن. ان موقعي تي ٿرپارڪر جي اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر سعيده ، جنرل سيڪريٽري پارس شاهه، پروين شاهه، پي ٽي آءِ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميمڻ، ارباب، رفيق نهريو، هاشم ٺٽوي لالا نواز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو










