ملٽي نيشنل ڪمپنين کي قومي شاهراهه تي وڻڪاري جي هدايت

ملٽي نيشنل ڪمپنين کي قومي شاهراهه تي وڻڪاري جي هدايت

میرپورماٿيلو(ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد خالد سليم چيو آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جو فرض آهي ته هو ضلعي ۾ سماجي ڀلائي وارن ڪمن سميت وڻڪاري مهم ۾ به وڌ کان وڌ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ قومي شاهراه تي لڳل وڻن جي سار سنڀال جي سلسلي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضيادﷲ لغاري  سميت ملٽي نيشنل ڪمپنين جي نمائندن ۽ ميونسپل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته وڌندڙ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ ۽ ماحول کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ لاء ضروري آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن ۽ پوکيل وڻن جي سار سنڀال ڪرڻ پڻ اسان سڀني جو فرض آهي. هن چيو ته قومي شاهراه تي لڳل وڻ ضلعي گهوٽڪي جي سونهن آهن انڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين کي گهرجي ته هو وڻن جي سار سنڀال جي حوالي سان ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪن ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڻڪاري پڻ ڪن. ان حوالي سان ٻيلي کاتي پاران کين مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جيئن ضلعي گهوٽڪي جي سونهن ۾ اضافو ٿي سگهي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو ته قومي شاهراه سان پوکيل وڻن جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي نمائندن ڊپٽي ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته قومي شاهراه سان پوکيل وڻن جي سار سنڀال ڪري نوان وڻ پڻ لڳايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو