ملائڪا ۽ علي محمد جي نظربندي رد، آزاد ڪرڻ جو حڪم

ملائڪا ۽ علي محمد جي نظربندي رد، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ملاڪا بخاري ۽ علي محمد خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ملڪا بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پي ٽي آءِ جي ٻن اڳواڻن جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏيندي کين فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پوليس امن امان خراب ٿيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اسد عمر ۽ شاهه محمود سميت تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو