ملير ۾ پاڻي چورن خلاف آپريشن، تلاءَ ۽ ٽينڪ تباهه

ملير ۾ پاڻي چورن خلاف آپريشن، تلاءَ ۽ ٽينڪ تباهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران ضلعي ملير گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني پاڻي جي تلائن ۽ ٽينڪ کي ڊاھي ڇڏيو، آپريشن جي اڳواڻي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ ڪئي، ان موقعي تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل جو چوڻ هو تہ ملوث جوابدار غير قانوني طريقي سان زير زمين پاڻي کي تلائن ۽ ٽينڪ ۾ جمع ڪري ٽينڪرن وسيلي ضلعي ملير جو پاڻي چوري ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا ھئا، اھي غير قانوني تلاء ۽ ٽينڪ ڊاھي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ ڪارروائي دوران پمپس ۽ سوين فٽ پائپ ضبط ۽ هڪ جوابدار شاهد کي حراست ۾ ڪري لاڳاپيل گڏاپ ٿاڻي تي ملوث جوابدار خلاف پاڻي چوري جي نئين قانون موجب ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وسيع ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو