ڪراچي ( رپورٽر ) ملير ندي جي ڪناري تي 2022 جي لھندڙ سج کي سلامي ۽ علمي ادبي سر مئي شام جي حوالي سان پروگرام جو اھتمام ڪيو ويو پروگرام عوامي پريس ڪلب ملير جي طرفان رکيو ويو پروگرام ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي ساجد غلام جوکيو ڪراچي رورل نيٽ ورڪ ڪرن جي جنرل سيڪريٽري سليم جي ميمڻ سنڌ بروھي اتحاد جي اڳواڻ ملير ڊاڪٽر غلام محمد بروھي ملير جو سياسي رھنماء خدا ڏنو شاھ خليل بلوچ وسيم مغل سينيئر صحافي زاھد رحيم صديق بلوچ ملير جو شاعر اصغر مھرائي سامي ميمڻ گڏاپ پريس ڪلب جي آدم سريلو موسا چنا ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ملير اڄ تمام غير محفوظ آھي زمينن تي قبضا امن امان جي صورتحال ملير غيرن جي آبادڪاري چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو وڌي ويو ملير جا چونڊيل نمائندا خاموش آھن انھن اچو ته اڄ وچن ڪريون ته گڏ ٿي نئين سال لاء ڪوشش ڪريون ۽ ملير کي بچايون پروگرام راڳ جي محفل رکي ويئي جنھن ۾ فنڪارن پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو ۽ آخر سج کي سلامي ڏني ويئي










