ملير جيل لاءِ وهيل چيئرز ۽ اسٽريچرز جو عطيو

ملير(درياخان شر) ميمڻ اسپتال برنس روڊ پاران ڊسٽرڪٽ ملير جيل کي پنج ويل چيئر ۽ ٻه اسٽريچر عطيي طور ڏنا ويا. ان موقعي تي ميمڻ انسٽي ٽيوٽ ھاسپيٽل جي ڪيئر ٽيڪر محمد الياس سايا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيل ۾ جيڪي قيدي مسڪين ۽ بيماري کانپوءِ ھلڻ ڦرڻ جي به سگهه نه ٿا رکن، انهن جي ڪجھ تڪليف گھٽ ڪرڻ لاء ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي. انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان کين سڪون ملي ٿو. محمد الياس سايا جيل جو دورو ڪري مختلف قيدين سان ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ کانئن صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. جيل انتظاميا جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته سمورين جيلن ۾ انتظام ٺيڪ هجن ته قيدي هڪ سٺو انسان بڻجي ٻاهر نڪرندو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ملير جيل جي سپرنٽنڊنٽ اورنگزيب ڪنگو چيو ته ويل چيئر ۽ اسٽريچر جي تمام گھڻي ضرورت ھئي. هن سندس ٿورا مڃيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو