پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته ملتان جي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست جو سبب موروثي سياست ٿي سگهي ٿي. پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته ملتان ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست کي تسليم ڪيون ٿا، پارٽي اميدوار جي چونڊ ۽ چونڊ مهم ۾ مسئلو ٿي سگهي ٿو، ملتان جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جو سبب موروثي سياست ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ايمل ولي خان، عمران خان هٿان شڪست کانپوءِ سياست ڇڏي ڏئي ۽ غلام احمد بلور الزامن بدران اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏئي. سندس چوڻ هو ته فتح ۽ شڪست ملندي رهندي آهي پر ننڍي چونڊ ۾ عمران خان جي بيانيي جي فتح ٿي آهي.










