ملاوي ۽ موزمبيق ۾ طوفان سبب تباهي، 100 وڌيڪ فوت

ملاوي (ويب ڊيسڪ)سامونڊي طوفان فريدي آفريقي ملڪن ملاوي ۽ موزمبيق ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خابرو اداري موجب سامونڊي طوفان فريڊي ڇنڇر تي موزمبيق ۽ پوءِ ملاوي جي ساحلي علائقن سان ٽڪرائجي ويو.رپورٽن مطابق ڪيترن ئي هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي، متاثر علائقن ۾ بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، مختلف حادثن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف اختيارين مارجي ويلن جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، مالوي ۾ متاثر علائقن کي آفت زدہ قرار ڏنو ويو آهي.خابرو اداري موجب ملاوي جي متاثر علائقن ۾ تيز برساتن جو سلسلو اڃا به جاري آهي، سائڪلون فريڊي گذريل مهيني موزمبيق، ملاوي ۽ مڊگاسڪر ۾ به تباهي مچائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو