ملازم نوڪري تان فارغ،رهيل پگهارون نه مليون،احتجاج

ملازم نوڪري تان فارغ،رهيل پگهارون نه مليون،احتجاج

نوشهر فيروز (ن س) ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز مان ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ پگهارون نه ڏيڻ ۽ ڪرپشن خلاف بلديا ورڪرس يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي يونين جي صدر مولابخش شيخ، عمران راڄپر، ڪشن راجا، محبوب شيخ، قلندر بخش شيخ ۽ ٻين چيو ته ڪرپٽ ميونسپل آفيسر فيصل حسن ڏاهري ٻن مهينن کان ڪافي ملازمن کي پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ جيڪي پگهارون جاري ڪيون ٿيون وڃن انهن مان هر ملازم جون نائز ڪٽوتيون ڪيون ٿيون وڃن انهن ناجائزين خلاف جڏهن اسان آواز بلند ڪيو ته ڪرپٽ ڪاموري فيصل حسن ڏاهري، اڪائونٽس ڪلارڪ شيراز شيخ، عدنان ملڪ، ساجد ابڙو يونين جي صدر مولابخش شيخ کي ڊسمس فرام سروس، سينيٽري انسپيڪٽر عمران راڄپر کي معطل ۽ يونين جي جنرل سيڪريٽري ڪشن راجا جي پينشن بند ڪرڻ سميت پورهيتين جو آواز بلند ڪرڻ تي کين نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ پريشان ڪرڻ جا هربا استعمال ڪيا ويا آھن هنن چتاءُ ڏنو ته اهي ناجائزيون بند نه ٿيو ته سومر ڏينهن شهر ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي ٻئي پاسي صفائي جي حوالي سان شهر ۾ صورتحال تمام خراب آھي چو طرف گٽر اٿلڻ ڪري روڊن رستن تي اڳواٽ بيٺل پاڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آھي جنهن ڪري شهري سخت ڏچي ۾ پئجي ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو