ملائيشيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

ملائيشيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن موجب ملائيشيا ۾ قانوني طور محنت مزدوري ڪندڙن کي سوشل سيڪورٽي فراهم ڪئي ويندي. معاهدي موجب ملائيشيا جي حڪومت بيماري يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستاني مزدورن کي علاج معالجي جي مڪمل سهولت فراهم ڪندي. معذوري جي صورت ۾ تاحيات وظيفو ۽ فوتگي جي صورت ۾ پوئنرن کي وظيفو ملندو رهندو. پاڪستان اوورسيز وزارت موجب هر سال 15 هزار پاڪستاني ملائيشيا وڃن ٿا ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جو تعداد 82 هزار آهي جيڪي هن معاهدي بعد فائدو حاصل ڪري سگهندا. اهڙو معاهدو وزيراعظم عمران خان ۽ مهاتير محمد جي ملاقات ۾ طئي ٿيل معاملن بعد عمل ۾ آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو