نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه طارق علي سولنگي جو شھر جي مختلف پيٽرول پمپن تي ڇاپا ھڻي اوگرا جي اگهه کان وڌيڪ اگهه تي پيٽرول وڪڻڻ ۽ پيٽرول جي ماپ گھٽ ھجڻ تي ٻن پيٽرول پمپن تي ھڪ لک روپيا ڏنڊ ھڻي وارننگ ڏيندي چيو ته ٻيو دفعو پيٽرول جي ماپ پوري ۽ اگهه اوگرا مطابق فروخت نه ڪيو ويو ته انھن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويندا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏھن به اوگرا پاران اگهه گھٽايا ويندا آهن ته پيٽرول پمپ وارا پراڻن اگھن کي برقرار رکيو عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦريندا آھن جيڪو آءُ ھر گز برداشت نه ڪندس ، پيٽرول جي ماپ ۽ اگھن تي ڪنھن به قسم جو سودو نه ٿيندو عوام کي انھن جو حق ڏياريو ويندو ناجائز منافعي خورن کي ڪنھن به صورت بخش نه ڪيو ويندو.










