مقتول صحافي ارشد شريف بابت جاچ، گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس

مقتول صحافي ارشد شريف بابت جاچ، گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقتول صحافي ارشد شريف بابت جاچ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بئريسٽر شعيب رزاق درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ارشد شريف ڪهڙي حالتن ۾ ٻاهر ويو، ان جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي.درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي آهي ته ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ارشد شريف جو لاش ڪٿي آهي؟ بئريسٽر شعيب رزاق ٻڌايو ته ارشد شريف جو لاش نيروبي ۾ آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي ارشد شريف جي خاندان سان فوري ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ان حوالي سان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو