ٽنڊومستي (رپورٽر)اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد مهاڙي (ڇر) ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ ٻئي ڏينهن به فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري عبدالخالق.عرف گلزا ولد پيربخش مڱڻيجو مبينا مقابلي بعد ڪلاشن ڪوف سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. سندس سڃاڻپ تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ ڪوٽ مير محمد جي رهواسي طور ٿي آهي ايس ايس ايڇ او اڪنامڪ زون فياض احمد عباسي ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻئي ڏينهن به ساڳئي جگهه تي ڏوهارين جو ايس ايس پي هيڊ ڪواٽر نوشيروان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گهيراءُ برقرار آھي ۽ زخمي ڏوهارين جي گرفتاري لا۽ سرچ آپريشن ڪئي وئي جنهن دوران هڪ هٿياربند زخمي حالت ۾ ڪلاشن ڪوف ۽ گولين سميت هٿ ڪري ورتو آھي جنهن مٿان خيرپور ضلع جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ ڌاڙيلن جي پناهه گاهن کي باهيون ڏنيون ويون آھن تمام جلد شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويندو ٻئي طرف شهيد اهلڪار محمد صديق ناريجو جي قتل ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس پي پي اڪنامڪ زون جي ايس ايڇ او فياض احمد عباسي سرڪاري پاران فريادي تي ٽنڊومستي ٿاڻي تي بدنام ڌاڙيل رحيم بخش عرف رحيمون ڦلپوٽو سميت 8 سڃاتل ۽ پنج اڻ سڃاتل هٿياربندن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.










