مفتي ڪفايت تي زيادتي ڪندڙ جوابدار کي پناهه ڏيڻ جو الزام

مفتي ڪفايت تي زيادتي ڪندڙ جوابدار کي پناهه ڏيڻ جو الزام

مانسهره (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله تي مانسهره ۾ 10 سالن جي ٻار کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي 3 ڏينهن تائين پناهه ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. 3 ڏينهن اڳ مانسهره جي ڳوٺ ٺاڪر ميرا ۾ مدرسي جي 10 سالن جي شاگرد سان جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پوليس ٻڌايو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ شاگرد سان جنسي زيادتي ۽ تشدد ثابت ٿيو آهي. رپورٽ مطابق ٻار کي گهڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ان جي اکين تي سوڄ جا نشان ٿي ويا. اسسٽنٽ پبلڪ پراسڪيوٽر مطابق ٻار تي تشدد جي واقعي بعد ٽن ڏينهن بعد مفتي ڪفايت الله ملزم کي ڊي پي او حوالي ڪيو هو. ملزم کي 3 ڏينهن تائين پناهه ڏني وئي جيڪو جرم آهي پر مفتي ڪفايت الله خلاف ان وقت ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن جرم ثابت ٿيندو. گذريل ڏينهن مدرسي جي انتظاميه ٻار سان زيادتي جي واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي دعويٰ ڪئي ته ٻار تي تشدد مدرسي جي شاگرد شمس الدين ڪيو هو ڇاڪاڻ ته ان جو شمس الدين سان جهڳڙو ٿيو هو. مدرسي جي انتظاميه مطابق هڪ جهڙن نالن جي ڪري قاري شمس الدين کي ملزم قرار ڏنو ويو ان ڪري هن پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو