اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن پاران اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار جولائي جي ٻئي هفتي ملڪ ايندو جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪري ناڻي واري وزارت جو قلمدان سونپيو ويندو. ذريعن جو چيو آهي ته ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار ايندڙ مهيني جي ٻئي هفتي ملڪ واپس اچي سينيٽر جو حلف کڻندو، جنهن کانپوءِ کيس ناڻي وارو وفاقي وزير بڻايو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته مفتاح اسماعيل اسيمبلي ميمبر ناهي انڪري هو وزارت تي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو نٿو رهي سگهي، هوڏانهن اسحاق ڊار تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واروڪيس هلندڙ آهي، اسحاق ڊار نومبر 2017 ۾ علاج لاءِ لنڊن ويل هو، جنهن جي واپسي جو ايندڙ مهيني جي ٻئي هفتي امڪان آهي.










