مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر شوڪت ترين آمهون سامهون

مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر شوڪت ترين آمهون سامهون

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اڳوڻي هم منصب سينيٽر شوڪت ترين کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته شوڪت ترين سچ ٻڌائي ۽ قوم کي ٻڌائي ته هو پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جي خلاف هو.هن چيو ته عمران خان شوڪت ترين کي سبسڊي ڏيڻ تي مجبور ڪيو، شوڪت ترين نه فنڊنگ ڇڏي آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو بندوبست ڪيو آهي.مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وفاق جو مجموعي خسارو 5600 ارب رپيا ڇڏي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو