مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن 2 ڏوهاري زخمي

مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن 2 ڏوهاري زخمي

ڪشمور(جي ايم کوسو)ھفتو اڳ  گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل بلوچستان جي علائقي ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ اسماعيل نور شاھ ياسين شاھ سميت ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ اي ايس پي بلال رضا مرزا جي اڳواڻي ۾ ڪشمور پوليس طرفان ڪچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۔ ڪشمور پوليس موجب گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ھلندڙ آهي۔ پوليس ۽ ڏوھارين  وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري۔ 

Photo Sindhyar

ڪشمور اي ايس پي بلال رضا مرزا جي نگراني ۾ گيھلپور ٿاڻي جي پوليس ۽ حاجي خان شر ٿاڻي جي پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي۔پوليس ڏوھارين پاران ھڪ ٻئي تي راڪيٽ لانچر  جا فائر ٻه ماڻهون زخمي ٿيڻ جا اطلاع، آپريشن ڏوهاري نظرو حيدراڻي شر مٿان هلندڙ آهي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙيل  ماڻھون پنهنجي گھرن تائين محدود بڻيل آهي. پوليس ڪنهن به ڌاڙيل يا ڪنهن ڏوھاري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ پوليس ڪيترائي ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ساڙي ڇڏيا آهن پوليس پنهنجي ناڪامي کانپوءِ خالي واپس موٽي آئي،

پهنجو تبصرو موڪليو