وڳڻ (علي مصطفىٰ بروهي )ڳوٺ جعفراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان مغل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو لٺين ۽ سروٽن جو هڪٻئي مٿان وسڪارو. جڏهن ته مغل برادري جي جهيڙي ۾ زخمي ٿيل راجا مغل. جاويد مغل. پيرسن هاجران مغل سخت زخمي ٿي پيا ، زخمي پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري وڳڻ ٿاڻي تي پهتا ۽ هنن زبير علي پٽ شيرل مغل ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي ۽ پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڊي ايس پي نصيرا آباد ايٽ وڳڻ جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪجه ڏينهن کان وٺي ، زبير علي پٽ شيرل مغل. اسان جي امڙ مٿان بيگناهه تشدد ڪري رهيو آهي حد جي پوليس کي ڪافي ڀيرا شڪايت ڪئي ، پر وڳڻ پوليس جوبدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ، ايس ايس پي قمبر عمران قريشي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










