لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته صبر جو اهڙو ميوو ايندو جنهن جو سوچي به نه سگهندا، سڀ ڏک ۽ تڪليفون دور ٿي وينديون. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊرن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جدوجهد ڪئي آهي، ڪارڪنن کي صبر ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مون جيل ۾ معيشت تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن. اهڙا حل ڏنا جن اسان جي دور ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 24 ارب ڊالرن تائين وڌيا.آصف علي زرداري چيو ته انشاءَ الله ملڪ جي معيشت کي سنڀاليندس ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 100 ارب ڊالرن تائين آڻيندس.هن چيو ته فوج تي وڏو خرچ ناهي، جيتوڻيڪ ان تي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي.آصف زرداري چيو ته سياست ۾ هر ڪم جو حل هوندو آهي، جيڪي سياست نٿا سمجهن انهن وٽ حل به ناهي.










