اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت اهڙي اونهائي ۾ وڃي رهي آهي جنهن مان نڪرڻ ۾ سال لڳندا. هڪ بيان ۾ اسد عمر چيو ته اڄ نظر سياست تي آهي، معيشت جي بگڙيل صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي، حالتون اڳ به خراب هيون، هاڻ ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ 1.2 ارب ڊالرن جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا آهن. اسد عمر چيو ته اٽڪل هڪ مهينو اڳ چين کان 2.3 ارب ڊالرن جو قرض ورتو ويو، چين کان ورتل 2.3 ارب ڊالرن مان 2 ارب ڊالر استعمال ٿي ويا، رپئي جي قدر ايتري تيزي سان گهٽجي رهي آهي جو ان جو ڪو به جواز ناهي بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت 62 رپيا ٿي وئي آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان پيٽرول، بجلي ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو.بلومبرگ جي رپورٽ موجب Nobody Willing to Sell You Oil، Moody’s، Fitch ۽ SNP سڀني پاڪستان کي گهٽائي ڇڏيو آهي. ملڪي معيشت اهڙي اونهائي ۾ وڃڻ واري آهي جنهن مان نڪرڻ ۾ سال لڳندا، پاڪستان تي مسلط ڪيل مصنوعي نظام کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.










