معمولي ڳالهه ،جوابدارن جي پورهيت جي گهر تي ڪاھ،فائرنگ،گهر کي باهه

معمولي ڳالهه ،جوابدارن جي پورهيت جي گهر تي ڪاھ،فائرنگ،گهر کي باهه

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ويجهو معمولي ڳالهه تان جوابدارن جي پورهيت جي گهر تي ڪاھ، فائرنگ بعد گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، متاثرن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو، انصاف جو مطالبو ،خبر موجب ،خانپورمهر ويجهو ڳوٺ اشرف آباد ۾ معمولي ڳالهه تان هٿياربندن مبينا طور پورهيت پانڌي پتافي جي گهر تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته جوابدارن فائرنگ بعد مبينا طور پورهيت جي گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، هوڏانهن بااثر جوابدارن جي زيادتين توڙي حملي ۽ گهر کي باهه ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن پانڌي پتافي، مور پتافي ،صحبت پتافي، جمال، خميسو پتافي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته جوابدار عالم پتافي، فرمان پتافي، عبدالرحيم پتافي ،عبدالحميد ،سچل ۽ ٻين بنا جواز معمولي ڳالهه تان حملو ڪري فائرنگ ڪئي پورهيت پانڌي جي گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته جوابدارن گهر کي باھ ڏئي وڏي زيادتي ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ھن مھل تائين ڪا به مدد نه ڪئي آهي، ڳوٺاڻن وڌيڪ دانهيو ته اسين مسڪين آهيون جوابدارن بااثر آهن جن مان اسان کي خطرو آهي، هنن ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو