معمولي برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي

معمولي برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ٽائون عملي جي بي ڌياني سبب برسات جو پاڻي مختلف روڊن رستن ۽ گهٽين سميت شهر جي قديمي درگاھ شاہ حسين شاہ جيلاني ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، ميونسپل عملي پاران برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا  شهري پنهنجي مدد پاڻ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

شهر جي مين چوڪ، تنگواڻي روڊ، مُکي محلي، رستم محلا، مسجد محلا، ملڪ محلا، موچي محلا، دولي چوڪ سميت ڪيترن ئي محلن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. برسات جي گندي پاڻي ۽ گپ سبب شهري سخت پريشان آهن پاڻي بيهڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي رستن تان گذرڻ ۾سخت ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون آهي. برسات جي پاڻي ۽ گندگي سبب ڪيترن ئي بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو آهي. ٽائون انتظاميا غائب ھجڻ ڪري شھري ڪيترين ئي تڪليفن کي منھن ڏيڻ لڳا شھر جو ڪارو بار پڻ متاثر ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو