معظم عباسي نا اهل قرار، عدالت پاران ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو(عبدالوحيدابڙو) سنڌ اسمبلي جي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻو تي جي ڊي اي جو ايم پي اي معظم عباسي نااهل قرار, ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي ڌيءَ ندا کهڙو جي درخواست منظور ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ايم پي اي معظم خان عباسي خلاف ايم پي اي ندا کھڙو پٽيشن داخل ڪرائي ھئي جڏھن ته پاور آف اٽارني صوبائي وزير سھيل انور سيال جي ڀاء طارق انور سيال کي ھئي جنھن معظم خان عباسي جي پنھنجي ۽ پنھنجي اولاد جي پراپرٽي لڪائي ھئي جنھن جا ثبوت ھن عدالت ۾ پيش ڪيا ھيا جيڪي ڪيس ھلندڙ ھيو جنھن جو اڄ فيصلو ٻڌائي معظم خان عباسي کي نااھل ڪیو ويو آھي جڏھن تہ مسلسل جدوجھد ۾ رھندڙ طارق انور سيال جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ پ پ ورڪرن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي مٺايون ورھايون. هواڏانهن معظم عباسي سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته تاحيات پابندي جو ڪو معاملو ناهي اهو مخالف ڦهلائن پيا. جيڪو به عدالتي فيصل هوندو قبول آهي، مان ٻيهري اليڪشن ۾ حصو وٺندس ۽ وري کين شڪست ڏيندس ڇو ته عوام مون سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو