جنسي تشدد دعويٰ ويڊيو، نئون رخ اختيار ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر جي علائقي ۾ اٺين درجي ۾ پڙهندڙ تيرنهن سالن جي شاگردياڻي سان گهر ۾ گهڙي ڏاڍائي جو الزام هڻندڙ عورت جي ويديو وائرل ٿيڻ ۽ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد چوڪري سان قابل اعتراض حالت ۾ فوٽو ۽ هڪ بيان حلفي پڻ وائرل ٿيو آهي. جنهن سبب ڏاڍائي واري دعويٰ مشڪوڪ پئي لڳي. ائين پيو محسوس ٿئي ته ماءُ ڌيئر رضا خوشي سان ملزم ڄاڻايل همراه سان تعلقات قائم ڪيا ۽ بعد ۾ ڪجهه معاملن تي هنن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيا ته هن عورت پنهنجي نياڻي سان ڏاڍائي جو معاملو اٿاريو آهي. وائرل ٿيل بيان حلفي ۾ عورت سان منسوب آهي ته هن غلطي سان رضا بگٽي جو نالو ثاڻي تي ڏنو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو بيان حلفي به جڙتو هجي پر تصديق ٿيڻ بعد ئي صورتحال واضح ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو