معرڪه حق جي ڪاميابي، فيلڊ مارشل، بلاول ۽ ٻين کي اعليٰ اعزاز عطا

معرڪه حق جي ڪاميابي، فيلڊ مارشل، بلاول ۽ ٻين کي اعليٰ اعزاز عطا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي حق جي جنگ ۾ سندس لازوال همت ۽ جنگي صلاحيتن جي اعتراف ۾ هلال جرات سان نوازيو ويو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ مختلف سول ۽ فوجي شخصيتن ايوان صدر، اسلام آباد ۾ سول ۽ فوجي شخصيتن کي اعليٰ اعزاز پيش ڪرڻ جي باوقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي.اعليٰ اعزاز پيش ڪرڻ جي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي نشان امتياز ڏنو، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي حق جي جنگ دوران مشڪل ترين وقتن ۾ جنگ جي اڳواڻي ڪرڻ ۾ سندس لازوال همت، جنگي صلاحيتن ۽ بي مثال حب الوطني جي اعتراف ۾ هلال جرات سان نوازيو ويو.پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ تي نشان امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو کي هوائي جنگ ۾ دشمن جي برتري کي شڪست ڏيڻ ۾ سندس ڪوششن تي هلال جرات سان نوازيو ويو.تقريب دوران صدر آصف علي زرداري نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي قانون وزير اعظم نذير تارڙ، دفاع وزير خواجه آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله کي نشان امتياز سان نوازيو.

پهنجو تبصرو موڪليو