نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) معذورن پاران ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انهي موقعي تي معذورن رياض خان دُراني، زين العابدين گبول، مظفر جمالي، عبدالڪريم چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پنج سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي انهي تي عمل ڪري اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. معذورن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن يونيورسٽيز، انجنيئرنگ، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ معذورن جي في معاف ڪري فري ايجوڪيشن ڏني وڃي.










