وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) ڳوٺ نبي بخش ڪانڌڙو واسي معذور پورهيت محمد خان واهوچو معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري ڊي ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيو. بااثرن پوليس اهلڪار عيسي خان واهوچو، گل، متين، رمضان واهوچو، امجد، زمان واهوچو خلاف دانهون ڪندي هن ٻڌايو ته مٿيان جوابدار سئوٽ آھن انهن منهنجي زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ملڪيت فٻائڻ لاءِ ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آھن پوليس ڪاروائي بجاءِ پنهنجي پٽي ڀائي سان ٻٽ بڻيل آھن. هن وڌيڪ چيو ته غريب آھيان معذوري سبب ڪمائڻ جهڙو ناهيان خدا ڪارڻ آ۽ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙ پوليس اهلڪار سميت جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏياريو وڃي.










