معدنيات واري وزير جي لاکڙا کاڻ حادثي جي فوتين جي وارثن سان عذر خواهي

مانجهند( رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) لاکڙا کاڻ حادثي ۾ سنڌ حڪومت کي 5 ڏينهن کان پوءِ فوتي پورهيت ياد اچي ويا، صوبائي وزيرهڪ لک ڏئي ڪمپني مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي صلاح ڏئي فرض نڀائي روانو ٿي ويو. لاکڙا ڪول فيلڊ جي پي ايم ڊي سي ڪمپني ۾ گذريل 5 ڏينهن اڳ گئس ڌماڪي سبب لڳل باهه ۾ سڙي  فوت ٿيل 5 پورهيتن خاڻوٺ واسي الھ بخش دائيداڻو، گل حسن دائيداڻو، ڳوٺ موسى مريداڻي واسي علي اصغر مريداڻي ۽ منٺار علي مريداڻي ۽ ڳوٺ نهالاڻي واسي محرم علي نهالاڻي جي وارثن سان معدنيات بابت صوبائي وزير امتياز شيخ تڪ جي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان گڏ فوتين جي ڳوٺن ۾ وڃي تعزيتون ڪيون ۽ في فوتي جي وارثن کي سنڌ حڪومت طرفان هڪ هڪ لک جو چيڪ ڏنو. ان موقعي تي امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايم ڊي سي ڪمپني انتظاميه غير قانوني کوٽائي ڪرائي پورهيتن جي زندگي داءَ تي لڳائي ڇڏي. هو وارثن کي صلاح ڏئي ٿو ته انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي. هوڌانهن  رابطو ڪرڻ تي پي ايم ڊي سي ڪمپني جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مختيار علي جوڻيجو چيو ته حڪومت فوتين کي تمام گهٽ رقم ڏني آهي. هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ سان معاملو ڪيترائي سال رولڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڪمپني متاثر خاندان سان هر طرح سهڪار ڪندي هڪ هڪ لک فقط ڪفن دفن لاءِ ڏنو آهي وڌيڪ ڪاغذي ڪاروائي کان پوءِ سموريون پينشنون ءِ سهولتون پڻ ڏنيون وينديون ۽ ڪوشش ڪبي ته فوتين جي اولاد کي نوڪري به ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو