’اسلام آباد ايم او يو‘ ڌرين صحيحون ڪري ڇڏيون، ناڪابندي ختم ۽ هرمز کلي ويو

’اسلام آباد ايم او يو‘ ڌرين صحيحون ڪري ڇڏيون، ناڪابندي ختم ۽ هرمز کلي ويو

پيرس /تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز کي کولڻ بابت ياداشتي معاهدي تي مقرر وقت کان اڳ ئي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو معاهدو هاڻي لاڳو ٿي چڪو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ صدر ميڪرون سان گڏ رات جي ماني جي موقعي تي ايران آمريڪا ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن جي وڊيو وائٽ هائوس جاري ڪئي. سي اين اين موجب 14 نڪتن جو ڊرافٽ

ٻئي طرف، ايراني سرڪاري ميڊيا پاران صدر مسعود پزشڪيان جون تصويرون جاري ڪيون آهن جنهن ۾ هو ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪري رهيو آهي. ثالٽ طور وزيراعظم شهباز شريف به معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.

ايران تان مرحليوار پابنديون ختم ٿينديون، لبنان ۾ عام شهرين جو قتل ناقابل قبول آهي، جي ڊي وينس

آمريڪا جو موقف آهي ته آبنائي هرمز مان جهازن جي آمدرفت ڪنهن به قسم جي ٽول ٽيڪس يا فيس کان آزاد هئڻ گهرجي. آمريڪي فوج ايران جي بندرگاهن تي لڳايل سامونڊي ناڪابندي مان گهٽ ۾ گهٽ 12 جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي، جيڪا مفاهمتي يادداشت (MOU) تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ ڏني وئي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ حتمي معاهدي جي حصي طور واشنگٽن کي اميد آهي ته تهران وٽ اهڙا ميزائل نه هوندا، جيڪي ”وڏي پيماني تي سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي سگهن“. ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا جلد ئي ايران سان ٿيل معاهدي بابت آمريڪي ڪانگريس کي بريفنگ ڏيندي. انتظاميا کي يقين آهي ته هو ڪانگريس جي منظوري کان سواءِ به تهران تي لاڳو پابندين ۾ عارضي نرمي آڻي سگهي ٿي. واشنگٽن جي ايران سان امن معاهدي جي مقصدن مان هڪ اهو به آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جي ذميواري حزب الله بدران لبناني حڪومت جي هٿ ۾ هجي. اسرائيل کي ايران سان امن واري عمل جو احترام ڪرڻو پوندو، جيڪو ان جي پنهنجي مفاد ۾ به آهي. بيروت ۾ اهڙا حملا، جن ۾ عام شهري مارجي وڃن، ”قابل قبول ناهن“.

ايراني صدر سان فون تي ڳالهه ٻولهه، امن معاهدو ايران ۾ ٻيهر تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، وزيراعظم

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان عبوري امن معاهدي تي تازين صحيحين ٿيڻ تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون آهن. ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران، وزيراعظم هائوس طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان موجب، شهباز شريف ”صدر پزشڪيان، ايراني قيادت ۽ ايران جي ڀائراڻن عوام کي تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.“ بيان ۾ چيو ويو ته، ”هي تاريخي معاهدو نه رڳو علائقي ۾ امن جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پر ايراني قوم جي ٻيهر تعمير ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.“ ٻئي طرف، صدر پزشڪيان ”وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ثالثي واري عمل کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ ان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.“ صدر پزشڪيان چيو ته، ”ايران انهن ڏکين ڏينهن ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪوششن ۽ ايران جي حمايت کي هميشه ياد رکندو.“

ڊار جي ڪئناڊا جي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه

پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت (MoU) بابت پنهنجي ڪينيڊين هم منصب انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب ”انيتا آنند آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي رابطن ۽ ثالثي جي ڪوششن جي حمايت ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو، جنهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ حاصل ٿيل سمجهه کي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.“ وزارت موجب، ”ٻنهي اڳواڻن جمعي ڏينهن سوئٽزرلينڊ جي برگن اسٽاڪ ۾ ڌرين جي ايندڙ ملاقات بابت پڻ خيال ونڊيا.“ وزارت وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.

اٽامڪ ايجنسي پاران ايم او يو بعد فني اپائن تي زور

گڏيل قومن جي جوهري نگراني واري اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافائيل گروسي عبوري آمريڪا-ايران معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، جڏهن ته اداري پاران هاڻي واضح عملي منصوبي تي ڪم ڪيو ويندو. رائيٽرز موجب گروسي چيو: ”اهو سٺو آهي ته مفاهمتي يادداشت موجود آهي، هاڻي فني ڪم شروع ٿئي ٿو.“ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته IAEA، آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سان گڏ ويهي تهران جي جوهري پروگرام بابت ٺوس قدمن جي تياري شروع ڪري.

اميد آهي ته آمريڪا ۽ ايران عقلمندي ۽ عمليت پسندي جو مظاهرو ڪندا، چين

چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عبوري معاهدي تي صحيحون ٿيڻ جي آجيان ڪري ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته ٻئي ملڪ ايندڙ ڳالهين ۾ ”عقلمندي ۽ عمليت پسندي“ جو مظاهرو ڪندا. پريس بريفنگ دوران ترجمان لن جيان چيو ته بيجنگ اميد ڪري ٿو ته ٻئي ڌريون معاهدي تحت پنهنجن واعدن تي به عمل ڪنديون. اربع ڏينهن ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چين سان لاڳاپن جي واڌاري ۽ عوام جي معاشي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. خبر ايجنسي مهر موجب هن چيو: ”چين اسان لاءِ يقيني طور تي منفرد اهميت رکي ٿو. چين کي يقين ٿيڻ گهرجي ــ ۽ ٿيندو به ــ ته اسان صرف گراهڪ يا واپاري ڀائيوار ناهيون، پر هر لحاظ کان چين جا حقيقي شريڪ آهيون.“

هرمز مان بارودي سرنگن جي صفائي لاءِ 2 جرمن جهاز روانا

جرمني جي دفاع واري وزير بورس پسٽوريس چيو آهي ته جرمني آبنائي هرمز ۾ ممڪن بارودي سرنگون صاف ڪرڻ واري مشن جي تياري لاءِ ٻه جهاز ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن موڪلي رهيو آهي. برسلز ۾ NATO جي اجلاس ۾ پهچڻ تي هن چيو: ”اسان جو بارودي سرنگون صاف ڪندڙ جهاز فلڊا ۽ رسد وارو جهاز موزيل هن وقت سوئيز ڪينال مان گذري ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وڃي رهيا آهن.“ پسٽوريس چيو ته اهڙي ڪنهن به آپريشن ۾ شرڪت لاءِ ايران ۽ عمان جي منظوري ضروري هوندي، ۽ مشن جو دارومدار ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ايندڙ ڳالهين جي نتيجن تي به هوندو.

اسرائيل جو لبنان ۾ ڪار تي ڊرون حملو، هڪ فوت

لبنان جي قومي خابرو اداري موجب، اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ڪفر تبنيت ڀرسان هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. هي رپورٽ ان کان پوءِ سامهون آئي آهي جڏهن الجزيره عربي جي رپورٽرن ساڳئي علائقي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي جي خبر ڏني هئي. هي حملو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن ايران-آمريڪا مفاهمتي يادداشت جي حصي طور اسرائيل تي حملا روڪڻ ۽ ڏکڻ لبنان مان پنهنجي فوجي موجودگي ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

عراقچي جي اٽلي جي هم منصب کي بريفنگ

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت تي خيال ونڊيا. عراقچي جي ٽيليگرام چينل تي جاري بيان موجب، ٻنهي وزيرن علائقائي استحڪام ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته هي معاهدو امن کي مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.

حزب الله جي حملي ۾ هڪ اسرائيل فوج قتل 7 ٻيا زخمي

ٽائمز آف اسرائيل،  اسرائيلي فوج جي جاچ جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجي، حزب الله جي نصب ڪيل ڌماڪيدار اوزار جي ڌماڪي ۾ مارجي ويو.  حملي ۾ 7 فوجي زخمي ٿيا آهن. رپورٽ موجب هي حملو اربع ڏينهن شام 5 وڳي ٿيو، جڏهن اسرائيلي فوج جي 36هين ڊويزن جا سپاهي ليطاني درياهه جي ڪناري سان گشت ڪري رهيا هئا. ان حملي ۾ 29 ورهين جو جنگي سپاهي اليگزينڊر فلن مارجي ويو، جڏهن ته ست ٻيا فوجي زخمي ٿيا.

ايران سٺي هلت چلت رکندو ته 300 ارب ڊالرن جي فنڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو: ٽرمپ
هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران سان حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جي مدت ڪا ڏکي ڊيڊ لائين ناهي، آمريڪي فوج ڪجهه وقت تائين خليج ۾ موجود رهندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جا تمام گهڻا پئسا منجمد ڪيا آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي واپس ڪنداسين، ايران مثبت پيش رفت اپنائي ته پابندين جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ايران سٺو هلت چلت رکندو ته 300 ارب ڊالرن جي فنڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران راضي آهي ته هو نه ايٽم بم ٺاهيندو ۽ نه ئي حاصل ڪندو، جوهري ذخيرن بابت فني (تڪنيڪي) ڳالهيون به جلد شروع ٿي وينديون.

ايران کي بيلسٽڪ ميزائلن کان محروم رکڻ ناانصافي آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جڏهن خطي جي ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائل آهن ته ايران کي انهن ميزائلن کان محروم رکڻ ناانصافي هوندي. ڊونالڊ ٽرمپ پيرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان اهو چئي رهيو آهيان ته جيڪڏهن خطي جي ٻين ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب ۽ قطر وٽ بيلسٽڪ ميزائل آهن ته ايران وٽ به اهي ميزائل مناسب انگ ۾ هجڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته بيلسٽڪ ميزائل مختلف آهن، اسان جوهري معاهدي ۾ انهن بابت ڳالهه نه ڪري رهيا هئاسين. واضح رهي ته آمريڪي صدر جو ايران جي ميزائل پروگرام تي هي بيان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ طئي ٿيل هڪ عارضي معاهدي جي تناظر ۾ سامهون آيو آهي. ڊونالڊ ٽرمپ ايران آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون آهن ۽ ان مفاهمتي يادداشت جو ٽائيٽل “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” رکيو ويو آهي.

ميزائل پروگرام تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، ايراني جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو ويندو: ايران
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته هرمز جي پڻي (آبناءِ هرمز) ۾ جهازن کي فراهم ڪيل خدمتن جي بدلي فيس ورتي ويندي، اسان وٽ افزوده يورينيم کي گهٽ درجي تي آڻڻ جو آپشن موجود آهي. ايراني ميڊيا موجب اسماعيل بقائي سرڪاري ٽي وي سان گفتگو ڪندي چيو ته ايران جي ميزائل پروگرام تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، ايراني جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو ويندو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 60 ڏينهن ۾ ٻي ڌر کي خطي ۾ فوجي موجودگي ۾ اضافو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نہ ئي ٻي ڌر کي نيون پابنديون لڳائڻ گهرجن. اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران تي لڳل تيل جون پابنديون ختم ٿيڻ گهرجن، ايران کي اڄ کان ايندڙ 60 ڏينهن تائين پنهنجو تيل وڪڻڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا پابند آهي ته ايران جي منجمد اثاثن تائين پهچ جي سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪري، ايران جي ميزائلن بابت ڪو ٻيو گفتگو ڪري اهو بلڪل پسند ناهي، ايران جي دفاعي صلاحيتن تي ڪنهن به ڌر سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون.

معاهدي جو حتمي متن طئي ٿي ويو، ٻنهي ڌرين اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون: ايران جي تصديق
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ياداشتي معاهدي جو حتمي متن طئي ٿي ويو آهي ۽ ٻنهي ڌرين اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سرڪاري ٽي وي سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته معاهدي جي متن تي ايران ۽ آمريڪا جي صدرن صحيحون ڪيون آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ملاقات معاهدي تي صحيحن لاءِ ناهي، سوئٽزرلينڊ ۾ ملاقات ٿيندي يا نه، ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ فيصلي جو امڪان آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنيوا ۾ ڳالهين جي ٽيمن جي شرڪت اڃا تائين شيمڊول موجب رهندي. ٻئي طرف وائٽ هائوس جي اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ياداشتي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، معاهدو لاڳو
آمريڪي اختيارين آمريڪي ويب سائيٽ کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز جي پڻي (آبناءِ هرمز) کي کولڻ بابت ياداشتي معاهدي تي مقرر وقت کان اڳ ئي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اهو معاهدو هاڻي لاڳو ٿي چڪو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي صدرن ياداشتي معاهدي تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪيون آهن. آمريڪي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب معاهدي تي صحيحون پهريان جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيڻيون هيون، پر هڪ ثالث ملڪ جي سفارتڪار ۽ هڪ ٻئي ذريعي اربع جي ڏينهن ٻڌايو ته ڌرين جي وچ ۾ ان عمل کي پهريان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد عملدرآمد شروع ڪرڻ تي ڳالهيون جاري هيون. آمريڪي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته سفارتي ذريعن موجب ان اڳڀرائي جو مقصد هرمز جي پڻي کي جلد کان جلد کولڻ هو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون ان معاملي تي پهريان ئي متفق هيون. ذريعن موجب ان عمل جو هڪ سبب وائٽ هائوس تي معاهدي جو متن جاري ڪرڻ لاءِ وڌندڙ سياسي دٻاءُ به ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به هڪ ذريعي دعويٰ ڪئي ته ايران شرط رکيو هو ته معاهدي جو متن باضابطه صحيحن کان اڳ جاري نه ڪيو وڃي، ۽ اهو به چيو ته اهو فيصلو وائٽ هائوس جي دٻاءُ جو نتيجو نه هو. آمريڪي انتظاميا جي هڪ سينئر عهدي دار اربع جي ڏينهن بريفنگ ڪال ۾ صحافين کي معاهدي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ابهام ختم ٿي ويو.

آمريڪا تي مڪمل ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، اسان جي آڱر ٽرگر تي آهي: ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته معاهدو ٿيڻ جي باوجود آمريڪا تي سڀ کان وڌيڪ بي اعتمادي ۽ شڪ آهي، آمريڪا تي مڪمل ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، اسان جي آڱر اڃا به ٽرگر تي آهي. ايران جي نيم سرڪاري خبرن جي ايجنسي “تسنيم” موجب اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو معاهدو حتمي طور طئي به ٿي وڃي ۽ ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري به حاصل ٿي وڃي، تڏهن به آمريڪا تي مڪمل ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سفارتي محاذ ۽ عسڪري (فوجي) محاذ جي وچ ۾ فاصلو تمام گهٽ آهي ۽ اسان جو هٿ ٽرگر تي آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته هرمز جي پڻي جنگ کان اڳ واري صورتحال تي واپس نه ويندي، ان جو مطلب بين الاقوامي قوانين يا بحري جهاز راني جي خلاف قدم ناهي. باقر قاليباف چيو ته ايران هرمز جي پڻي ۾ فراهم ڪيل خدمتن لاءِ فيس وصول ڪندو، 300 ارب ڊالر ايران ۾ سيڙپڪاري (سرمائي ڪاري) لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، 300 ارب ڊالرن جو هڪ حصو ٻيهر اڏاوت (تعميرِ نو) تي خرچ ٿيندو.

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمت تي صحيحون ٻنهي ملڪن جا صدر ڪري سگهن ٿا: ايراني پرڏيهي وزارت جو ترجمان
پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفهمت تي صحيحون ٻنهي ملڪن جا صدر ڪري سگهن ٿا. ايراني ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ياداشتي معاهدي تي ٻنهي ملڪن جي صدرن جي صحيحن جي تجويز اڃا تائين زيرِ غور آهي. ان کان علاوه اسماعيل بقائي چيو آهي ته هرمز جي پڻي (آبناءِ هرمز) جي حوالي سان عمان سان گڏ هڪ انتظامي نظام تيار ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي ٻئي ملڪ ٻين علائقائي ملڪن سان به مشاورت ڪندا. واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ياداشتي معاهدي تي صحيحون سوئٽزرلينڊ ۾ برجن اسٽاڪ ۾ 19 جون تي ٿينديون. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزارت موجب اهو مقام وسطي سوئٽزرلينڊ ۾ لوسرن جي ويجهو واقع آهي ۽ پنهنجي ڏکي علائقي سبب سيڪيورٽي جي حوالي سان موزون سمجهيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو