پمپ مالڪن ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ناڪام، سڀاڻي کان هڙتال

پمپ مالڪن ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ناڪام، سڀاڻي کان هڙتال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن ۾ في لٽر مارجن ويليو ساڍا 8 روپين مان وڌائڻ بابت ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. جنهن بعد ايسو سيئيشن سڀاڻي رات 12 هين وڳي کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ايسوسيئيشن جي نائب صدر انعام الحق چوڌري چيو آهي ته ايسوسيئيشن جي چيئرمين همايون خان اڄ سموري ملڪ جي پيٽرول پمپ مالڪن کي وفاقي راڄڌاني پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته انهي سڏ جو مقصد اڄ 4 وڳي ايسوسيئيشن جي وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان اهم ملاقات آهي، اسان جا مطالبا جائز آهن، پيٽروليم شين جون روزاني قيمتون طئي ڪرڻ قبول ڪرڻ جوڳو عمل نه آهي. هن چيو ته پيٽرول ڊيلرز کي مارجن ۾اضافو ڪرڻ ضروري آهي، موجوده مارجن تي اسان جو معاشي قتل آهي.انعام الحق چوڌري چيو ته حڪومت کي پيٽروليم شين جي سپلائي واري نظام کي اسٽريم لائن ڪرڻو پوندو، انهي مارجن تي پيٽرول پمپ هلائڻ هاڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اڄوڪي ملاقات نتيجا ڏيندڙ نه ٿي ته سموري ملڪ ۾ پيٽرول پبپ بند ڪيا ويندا. پيٽروليم واري وزير سان ملاقات کان پوءِ اهم پريس ڪانفرنس ۾ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو