ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ٽاور واري علائقي ۾ غيرصحتمند شربت پيئڻ سبب 2 درجن جي لڳ ڀڳ مزدور بيهوش ٿي ويا. ايڌي جي ترجمان موجب غيرضروري شربت پيئڻ سبب 22 مزدور هوش کان محروم ٿي ويا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽاور ڀرسان هڪ گودام ۾ 22 مزدور بيهوش حالت ۾ مليا، جن کي اسپتال نيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گذريل رات هڪ پورهيت سمورن ماڻهن کي شربت پياريو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته شربت پيتل الله رکي نالي شخص کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










