ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مکيه جوابدار ارمغان ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ گوڙ گهمسان ڪيو.ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مکيه جوابدار ارمغان خلاف صحافي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان الزام لڳائيندي چيو ته امڙ ۽ وڪيل مون کي چريو (پاگل) ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، هي ماڻهو منهنجي پئسن جي پٺيان آهن.جوابدار ارمغان چيو ته مان بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي وڪيل جي ضرورت ناهي، مان پنهنجو ڪيس پاڻ هلائڻ چاهيان ٿو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پبلڪ پراسيڪيوٽر (سرڪاري وڪيل) جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي دهشتگردي ٽوڙ ائڪٽ جا دفتري قلم (دفعا) خارج ڪرڻ تي دليل ڏنا وڃن.










