مصباح جو قاتل گرفتار، دهشتگردن جي وڏي نيٽ ورڪ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي ايسٽ غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته ڦر دوران مزاحمت تي والد سامهون قتل ڪيل ميڊيڪل جي شاگردياڻي مصباح جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته شاگردياڻي کي ڪچرو  چونڊيندڙ  افغانين قتل ڪيو آهي، گرفتار جوابدار محمد نبي افغاني اسٽريٽ ڪرمنل آهي، ان جو ساٿي قاري بشير افغاني اڃان تائين فرار آهي، جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو پهريان ڪچرو چونڊيندو هو، ان کانپوءِ گاڏين مان بيٽريون چوري ڪندو هو، جوابدارن جو هي گروپ گلشن اقبال، گلستان جوهر، شاهراهه فيصل، بهادرآباد، عزيز ڀٽي، سچل سائٽ ۽ سپر هاءِ وي وارن علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون ورداتون ڪري چڪو آهي. ايس ايس پي اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس دوران اهم انڪشاف ڪندي چيو ته وڏي دهشتگرد نيٽ ورڪ جو پتو پيو آهي.

ايس ايس پي اظفي مهييسر

ڇوڪري مصباح کان ڦر ڪيل موبائل فون گرفتار جوابدار وٽان برآمد ڪئي وئي، گرفتار جوابدار جو تعلق افغاني گينگ سان آهي، گينگ جو پتو پئجي ويو آهي، هُن چيو ته سموري نيٽ ورڪ جي باري ۾ خبر پئي آهي.هن ٻڌايو ته اينٽي اسٽريٽ ڪرائيم اسڪواڊ ۽ سولجر بازار پوليس هڪ ٻئي ڪاروائي ۾ متحده لنڊن جي هڪ ٽارگٽ ڪلرعبدالسلام کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو پيرول تان ڀڳل آهي. عبدالسلام ، گرفتاري دوران وڏا انڪشاف ڪيا آهن، هي انتهائي خطرناڪ ڏوهاري آهي، جنهن جو هڪ نيٽ ورڪ هو ۽ ٽي ڀيرا هي ان کان اڳ ۾ جيل وڃي چڪو آهي. اظفر مهيسر چيو ته جاچ ٽيم انعام ۽ تعريفي سندن جي حقدار آهي ۽ سندن لاءِ اهڙو اعلان به ٿيو آهي. پيرول تان نڪرڻ بعد جوابدارعبدالسلام ٻڌايو ته کيس عباسي شهيد اسپتال ۾ هيلپر جي نوڪري ڏني وئي، جيڪو اُتان هو پگهار کڻي رهيو هو، ايترو اهم ۽ وڏو دهشتگرد اُتي نوڪري ڪري رهيو هو، هن ڪجهه سالن کان تبليغي پارٽي جوائن ڪري رکي آهي. پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪندو رهندو آهي. گرفتار جوابدار محمد نبي معصوم ٻارڙين سان ريپ ڪري کين ساڙڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. معصوم ٻارن کي قتل ڪري جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلائيندو هو. هن گينگ جو اهو ڪم رهيو آهي، هن گينگ ۾ 20 کان 22 ماڻهو شامل آهن، انهن مان 2 جوابدار مارجي چڪا آهن، هن نيٽ ورڪ ۾ عهديدار آهن، سياسي ڏوهاري آهن، ڪجهه ايڊريسز مليون آهن ان تي اسان ڪم ڪيون پيا. جلد ٻين دهشتگردن کي به قانون جي دائري ۾ آندو ويندو، 12 مئي سانحي جو جيڪو واقعو آهي، ان ۾ به هي مک ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، مطلب مک جوابدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو