اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿيندڙ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو.ذريعن موجب شڪي شخص 3 ڏينهن اڳ مختلف رستن ذريعي وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿيو هو، جنهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حراست ۾ ورتو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي جوابدار کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن پنهنجي سڃاڻپ افغانستان جي رهواسي طور ڪئي آهي.ذريعن موجب سي ٽي ڊي، پوليس ۽ ٻيا سڪيورٽي ادارا جوابدار کان جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڪيورٽي ادارا جاچ ۾ مصروف آهن ته جوابدار وزيراعظم هائوس ۾ ڪيئن داخل ٿيو.










