مشرف جي سزا خلاف فل بينچ قائم، اسپتال حملي ڪيس ۾ 25 وڪيلن جي ضمانت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جنرل (ر) پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي لاهور جي احتساب عدالت اسپتال حملي ڪيس ۾ 25 وڪيلن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. پرويز مشرف پاران خصوصي عدالت پجي ڏنل موت جي سزا کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس سندس اپيل جي سماعت لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 9 جنوري کا ٻڌڻي ڪندي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ۾ جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس مسعود جهانگير شامل آهن. جنرل مشرف اڳ ۾ خصوصي عدالت جي تشڪيل کي چيلنج ڪيو هو ۽ چيو هو ته پرويز مشرف جو 342 سي آر پي سي هيٺ بيان رڪارڊ ڪرڻ کانسواءِ فيصلو نٿي ڏئي سگهي ان ڪري کيس روڪيو وڃي. بعد ۾ فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست به داخل ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ سڀني درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي آهي. هوڏانهن ٻئي پاسي لاهور جي احتساب عدالت پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي تي حملي ڪيس ۾ گرفتار 25 وڪيل جيڪي جيل ۾ آهن تن جي ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي. سندن وڪيل چيو ته هو ڪنهن جاچ ۾ گهربل ناهن ۽ جيل ۾ آهن ان ڪري سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي. سرڪاري وڪيلن ضمانت جي مخالفت ڪئي. احتساب عدالت جي جج چوڌري محمد اقبال ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد في وڪيل هڪ لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو