مشرف جي سزا جي مخالفن سينيٽ ۾ ووٽ ڇو ڏنو؟ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت  ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ اخباري هاڪرن کي ڏنل ساڍا 5 هزار گز پلاٽ غير قانون طور  بلڊر کي ليز ڪري ڏيڻ بابت نيب پاران پي ايس پي جي سربراهه ۽ اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين خلاف ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سومر تي ڪاروائي شروع ٿي ته جاچ آفيسر پيش نه ٿيو جنهن سبب ڪاروائي ملتوي ڪئي وئي. هن ڪيس ۾  بلڊر دائود جان، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل افتخار قائمخاني، مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ڊي سي او لالا فضل الرحمان ۽  ڪي ڊي اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ممتاز حيدر، زين ملڪ سميت 11 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين جوابدارن گڏيل ملي ڀڳت سان 2005ع ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ اخباري هاڪرن کي اخبار وڪرو ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏنل ساڍا 5 هزار گز قيمتي زمين بلڊر کي الاٽ ڪري ڇڏي. ڄاڻايل زمين جي اصل قيمت اربين روپيا آهي. ڄاڻايل زمين تي اخباري هاڪرز 1980ع کان ويٺل هئا جنهن بعد سرڪار کين ڄاڻايل زمين ليز ڪري ڏني پر 2005ع ۾ اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال مٿي ڄاڻايل آفيسرن کانسواءِ  بحريه ٽائون جي زين ملڪ، ممتاز حيدر،  سب رجسٽرار نظير زرداري، محمد دائود، محمد يعقوب، محمد عرفان، محمد رفيق ۽ ٻين جوابدارن گڏيل ملي ڀڳت سان ڄاڻايل زمين گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير لاءِ بلڊر کي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان ٿيو. جوابدارن ڪرپشن سان گڏ اختيارن جو غلط استعمال پڻ ڪيو آهي جيڪو قانون مطابق سزا جوڳو ڏوهه آهي. هن ڪيس ۾ عدالت جوابدار زين ملڪ پاران داخل ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ ۽ حاضري کان ڇوٽ بابت داخل درخواست رد ڪري ڇڏي . عدالت ڄاڻايل جوابدار خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪي سياسي پارٽيون خصوصي عدالت جي فيصلي تي احتجاج ڪري رهيون آهن انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته ان خصوصي عدالت جي منظوري 2014ع ۾ پارليامينٽ ڏني هئي ۽ هو به ووٽ ڏيندڙن ۾ شامل هئا. هن چيو ته ايوب خان، ضياءَ الحق کي به علامتي ڦاهي ڏني وڃي، آرٽيڪل 6 جي سمورين شقن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، اهڙي فيصلي مان خصوصي مائينڊ سيٽ جو پتو پوي ٿو. هن چيو ته ڪراچي جي هڪ سياسي جماعت ان معاملي کي لساني رنگ ڏئي رهي آهي، جيڪو غلط آهي. هڪ سوال جي جواب ۾  مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ايس پي جو ڪو به ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ شريڪ نه ٿيو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ رشوت جا اگهه وڌي ويا آهن. وزيراعظم 4 ڀيرا ڪراچي جو دورو ڪيو پر ڪراچي جا مسئلا حل نه ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو