ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين آءِ جي پوليس طور مشتاق مهر چارچ وٺي ڇڏي. سيد ڪليم امام ۽ سينئر آفيسرن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو چارج ڇڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻنهي آفيسرن پوليس جي شهيدن جي يادگار تي حاضر ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

ان موقعي تي پوليس جي دستي کين سلامي به ڏني. نئين آءِ جي بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت هدايتون ورتيون. مشتاق مهر هن کان اڳ ريلوي پوليس جو آءِ جي هو سندس تقرري تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار رهيو.

وزيراعظم عمران خان سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ اتفاق ڪرڻ بعد وفاقي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن جي اختلاف بعد سنڌ حڪومت کان ٻيو نالو گهريو هو جيڪو سنڌ حڪومت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. عمران خان جا اتحادي جي ڊي اي وارا ڇاهن پيا ته مڪاني چونڊن تائين ڪيلم امام کي بدلي نه ڪريو.










