ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پهرين پاڪستاني سپر هيرو گرل جي ويب سيريز ”مس مارول“ آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارم تي رليز لاءِ تيار آهي پر اهو پليٽ فارم پاڪستان ۾ موجود ناهي، ان ڪري پاڪستان جي سئنيمائن ۾ فلم رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو دلچسپ اعلان شو جي ڊائريڪٽرن مان هڪ فلمساز شرمين عبيد چنائي انسٽاگرام ذريعي ڪيو. مارول اسٽوڊيوز ’مس مارول‘ کي خاص طور تي پاڪستان ۾ خاص طور تي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪندو، ڊائريڪٽر موجب ڊزني ۽ مارول 6 قسطن تي ٻڌل سيريز جو سئنيما فارميٽ وارو ورشن خاص طور تي پاڪستان لاءِ ٺاهيندا، جنهن کي 3 حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ”مس مارول“ ويب سيريز جي مرڪزي ڪهاڻي ڪملا خان نالي هڪ 16 سالن جي سپر هيرو ڇوڪريءَ جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا اصل ۾ پاڪستاني ڇوڪري آهي ۽ جرسي شهر ۾ رهي ٿي. ڪمالا هڪ پرجوش فنڪارا آهي، هڪ شوقين گيمر ۽ فڪشن جي مداح آهي، ايوينجرز ۽ خاص ڪري ڪيپٽن مارول جي وڏي مداح آهي پر سپر پاور حاصل ڪرڻ کان اڳ ڪمالا خان هميشه دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ڳولڻ جي جدوجهد ڪئي. سيريز جو ٽريلر 16 مارچ تي جاري ڪيو ويو ۽ 8 جون کان ڊزني پلس تي نشر ٿيندو.










